سِڱر لنڊي

سِڱر لنڊي

سِڱر لنڊي

سِڱر لنڊي Horned Viper/Pseudocerastes Persicus: هيءَ بلا 0.8 کان 0.58 ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. هن بلا جو پڇ 87 کان 90 ملي ميٽر هوندو آهي ۽ مٿو ننڍو، ويڪرو ۽ ڪنڌ نمايان هوندو آهي. هن بلا جو پڇ ننڍو هوندو آهي. جسماني رنگ هيڊو هوندو اٿس، جنهن تي هلڪن ناسي چٽن جي هڪ ڇڊي قطار پٺيءَ تي هلندي وڃي ٿي. ٻنهي پاسن کان ساڳئي قسم جا ننڍا چٽ اٿس. منڍيءَ تي اکين کان مٿي ڇلرن جا ٻه اڀار هوندا اٿس، جيڪي سڱن وانگر ڏسجن ٿا. ان تان ئي هن لنڊي بلا تي سڱر جو نالو پيو. هي جنس ريتيلي پهاڙي علائقي ۾ ٿئي ٿي. ڏينهن جي وقت پٿرن جي هيٺان يا ڏرڙن ۾ لڪل رهي ٿي. هي بلا رات جو شڪار لاءِ نڪرندي آهي، خطرو محسوس ڪرڻ تي شوڪارا ڪندي آهي. هيءَ بلا خارباز نه آهي. هي بلا خوراڪ ۾ اڪثر ڪرڙيون ۽ ڪوئا کائيندي آهي. آذربائيجان کان عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي. Horned Viper/Pseudocerastes Persicus: هيءَ بلا 0.8 کان 0.58 ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. هن بلا جو پڇ 87 کان 90 ملي ميٽر هوندو آهي ۽ مٿو ننڍو، ويڪرو ۽ ڪنڌ نمايان هوندو آهي. هن بلا جو پڇ ننڍو هوندو آهي. جسماني رنگ هيڊو هوندو اٿس، جنهن تي هلڪن ناسي چٽن جي هڪ ڇڊي قطار پٺيءَ تي هلندي وڃي ٿي. ٻنهي پاسن کان ساڳئي قسم جا ننڍا چٽ اٿس. منڍيءَ تي اکين کان مٿي ڇلرن جا ٻه اڀار هوندا اٿس، جيڪي سڱن وانگر ڏسجن ٿا. ان تان ئي هن لنڊي بلا تي سڱر جو نالو پيو. هي جنس ريتيلي پهاڙي علائقي ۾ ٿئي ٿي. ڏينهن جي وقت پٿرن جي هيٺان يا ڏرڙن ۾ لڪل رهي ٿي. هي بلا رات جو شڪار لاءِ نڪرندي آهي، خطرو محسوس ڪرڻ تي شوڪارا ڪندي آهي. هيءَ بلا خارباز نه آهي. هي بلا خوراڪ ۾ اڪثر ڪرڙيون ۽ ڪوئا کائيندي آهي. آذربائيجان کان عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو